نامه رهبر انقلاب به جوانان اروپا و آمریکای شمالی به زبان سندی

چهارشنبه 10 دی 76 نفر بازدید
بسم الله الرحمن الرحيم يورپ ۽ شمالي آمريڪا جي سڀني جوانن ڏانهن هڪ کليو خط فرانس جي هاڻوڪن واقعن ۽ ڪجهه ٻين مغربي ملڪن ۾ ان جهڙن واقعن مون کي مجبور ڪيو ته آءُ ان بابت اوهان سان سڌو سنئون ڳالهيان. منهنجو (سڌو سنئون) توهان سان ڳالهائڻ ان ڪري نه آهي ته آءُ اوهان جي والدين کي نظر انداز ڪري رهيو آهيان، بلڪه ان سبب آهي  جو آءُ توهان جي قوم ۽ ملڪ جو مستقبل اوهان جي هٿن ۾ ڏسي رهيو آهيان ۽ اوهان جي دلين جي گهرائي ۾ حق جي ڳولها وارو جذبو ٻين کان وڌيڪ  ڏسي ڪري رهيو آهيان. هن خط ۾ منهنجا مخاطب، اوهان جا سياستدانن ۽ حڪومتي اهلڪار ناهن، ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته انهن ڄاڻي واڻي ۽ مڪمل علم آگاهي هوندي سياست وارو رستو صداقت ۽ سچائي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.   منهنجي اوهان سان گفتگو اسلام بابت آهي خاص طور تي اسلام جي ان شڪل۽  صورت بابت آهي جيڪا اوهان جي اڳيان پيش ڪئي وئي آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن يعني تقريبا روس جي ٽٽڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي سازشون ڪيون ويون آهن ته هن عظيم دين کي هڪ خطرناڪ دشمن طور  پيش ڪيو وڃي.   افسوس آهي جو مغربي سياسي تاريخ ۾  رعب ۽ نفرت جي احساس کي ڀڙڪائڻ ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ واري پاليسي گهڻي عرصي کان جاري آهي.   آءُ هتي انهن مختلف قسمن جي خوف ۽ حراس جي تفصيل ٻڌائڻ نه ٿو چاهيان جيڪو مغربي قومن جي ذهنن ۾ پيدا ڪيو ويو آهي.   اوهان پاڻ تاريخ بابت ٿيل هاڻوڪي تنقيدي مطالعي جو مختصر جائزو وٺڻ کان پوءِ سمجهي سگهو ٿا ته جديد تاريخ نويسيءَ ۾ دنيا جي مغربي حڪومتن  پاران ٻين قومن ۽ ثقافتن سان  ٿيل ڪوڙ ۽  ٺڳيءَ تي مشتمل رفتار جي مذمت ڪئي وئي  آهي .   آمريڪا ۽ يورپ جي تاريخ غلامي واري سلسلي تي پشيمان آهي، استعمار واري زماني تي سندس ڪنڌ جهڪيل آهي، ڪارن ۽ غير عيسائين تي ٿيل ظلم ۽ ستم تي شرمسار آهي. اوهان جا محقق ۽ مورخ انهن خوني لڙاين تي شرمنده آهن جيڪي ،مذهب جي نالي تي ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽ عيسائين جي وچ ۾  ۽ قوم ۽ نسل جي بنياد تي  پهرئين ۽ ٻئين عالمي پيش آيون.   اها ڳالهه پاڻ ئي تعريف جوئي آهي، ليڪن ان ڊگهي فهرست مان ڪجهه ڳالهين جو ٻيهر بيان ڪرڻ مان، منهنجو مقصد تاريخ جي مذمت ڪرڻ ناهي بلڪه آءُ چاهيان ٿو ته توهان، پنهنجي روشن فڪر ماڻهن کان پڇو ته مغرب ۾ عام ماڻهن جو ذهن ۽ ضمير ڪيترن ئي عشرن يا سوين سالن کان پوءِ ڇو بيدار ٿيندو آهي؟   عمومي فڪر جو دائرو، هاڻوڪن واقعن بجاءِ آڳاٽي زماني وارن واقعن تائين ئي محدود ڇو آهي؟ ڪهڙو سبب آهي جو ” اسلامي فڪر۽ ثقافت سان ڪهڙي طرح پيش اچڻ گهرجي؟“ جهڙي اهم موضوع بابت عمومي آگاهيءَ  وڌڻ نه پيو ڏنو وڃي ؟   اوهان چڱي ريت آگاهه آهيو ته ذلت، نفرت ۽ ٻين بابت خيالي خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ، تمام ظالمانه فائدن جي حصول جو گڏيل ذريعو رهيو آهي.   هاڻي آءُ چاهيان ٿو ته اوهين پنهنجي پاڻ کان پڇو ته هن ڀيري خوف ۽ نفرت ڦهلائڻ واري پراڻي سياست، ايتري وڏي شدت سان اسلام ۽ مسلمانن کي ڇو نشانو بڻايو آهي؟ دنيا جي جون طاقتون ڇو چاهن ٿيو ته اسلام (ختم ۽) هڪ پاسي تي ٿي وڃي.؟اسلام جا ڪهڙا قاعدا ۽ قدرَ انهن وڏين طاقتن جي منصوبن لاءِ خطرو آهن؟ ۽ اسلام کي غلط شڪل ۽ صورت پيش ڪرڻ سان کين ڪهڙو فائدو ملندو ؟ تنهن ڪري منهنجو پهريون مطالبو اهو آهي ته اوهان اسلام خلاف  هن وڏي  پيماني تي ٿيل منفي پروپئگنڊا جي سببن بابت تحقيق ۽ تلاش ڪريو.   منهنجي ٻئي خواهش هيءَ آهي ته اسلام جي خلاف ٿيل ڪثرت سان (سامهون ايندڙ) اڳواٽ صادر ٿيل فيصلن ۽ منفي پروپئگنڊا جي رد عمل ۾ اوهان هن دين بابت سڌي سنئين معلومات حاصل ڪريو. صحيح عقل ۽ شعور جو تقاضو اهو آهي ته گهٽ۾ گھٽ ان کي سمجهو جنهن کان اوهان کي روڪيو ۽ ڊيڄاريو پيو وڃي ته اهو ڇا آهي ۽ ان جي حقيقت ڇا آهي؟   مان ان ڳالهه تي ضرور نه ٿو ڀريان  توهان اسلام بابت منهنجي يا ڪنهن ٻئي جي راءِ کي قبول ڪريو . بلڪه اهو ٿو چوان ته اڄ جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر گذار ۽ محرڪ هن حقيقت کي  (غلط) هدفن ۽ مقصدن سان آلودهه ڪري اوهان  جي سامهون اچڻ جي اجازت نه ڏيو .  ڪنهن کي اجازت نه ڏيو  ته هو ڌوڪي بازيءَ سان  پنهنجي ئي  نوڪر دهشتگردن کي، اسلام جو نمائندو بڻائي  اوهان اڳيان پيش ڪري.   اسلام کي ان جي اصلي مآخذ ۽ منبع (Source) ذريعي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. اسلام کي قرآن مجيد ۽ رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم جي مبارڪ زندگيءَ ذريعي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. منهنجو اوهان کان سوال آهي ته ڇا اڄ تائين اوهان  مسلمانن جي قرآن مجيد کي پڙهيو آهي؟   ڇا اوهان پيغمبر اسلام صلي الله عليه و آله وسلم جي تعليمات ۽ ان جي زندگي جي اخلاقي ۽ انساني رخن جو مطالعو ڪيو آهي؟ ڇا اوهان کي ميڊيا کان هٽي ڪري اسلام جو پيغام ڪنهن ٻئي طريقي سان مليو آهي؟ ڇا اوهان ڪڏهن پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو آهي ته انهيءَ اسلام طويل عرصي  کان ڪهڙين ڳالهين جي بنياد تي دنيا جي وڏي ۾ وڏي فڪري ۽ علمي ثقافت کي وجود ۾ آندو ۽ وڏن  وڏن مفڪرن ۽ عظيم دانشورن جي تربيت ڪئي آهي؟   منهنجي اوهان کان اها گُهر آهي ته اوهان اجازت نه ڏيو ته اهي غلظ ۽ ڪريل ڳالهيون حقيقت ۽ اوهان جي وچ احساسي ۽ جذباتي بند ٻڌن ۽ اهڙي ريت اوهان کان منصفاڻي فيصلي جي صلاحيت کسي وٺن. اڄ مواصلاتي رابطن جاگرافيائي حدون ختم ڪري ڇڏيون آهن، اوهان اجازت نه ڏيو جو اهي ذهني ۽ هٿ ٺوڪيون حدون توهان کي محدود ڪرڻ ڇڏين،جيتوڻيڪ ڪو به هڪ شخص انفرادي طور تي  ان شگاف کي پر ڪري نه ٿو سگهي، ليڪن اوهان جوانن منجهان هر هڪ پنهنجي ۽ پنهنجي چوطرف موجود معاشري جي آگاهيءَ لاءِ فڪر ۽ انصاف ذريعي ان شگاف مٿان پل ٺاهي.   اڳواٽ طئي ٿيل منصوبي سبب  اسلام ۽ اوهان جوانن جي وچ ۾ پيدا ٿيل هيءُ مسئلو جيوڻيڪ اڻ وڻندڙ آهي، ليڪن اوهان جي حق ڳولاؤ ۽ جاکوڙي ذهن ۾ نوان سوال پيدا ڪري سگهي ٿو . انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جو موقعو اوهان لاءِ غنيمت آهي جنهن ذريعي اوهان اڳيان  نيون حقيقتون ظاهر ٿينديون، تنهن ڪري اسلام بابت بغير ڪنهن اڳواٽ فيصلي جي، صحيح ڄاڻ ۽ سمجهه حاصل ڪرڻ لاءِ هن فرصت کي هٿان نه وڃايو. شايد حقيقت اڳيان توهان جي ذميواري واري احساس جي برڪت سان ايندڙ نسل اسلام سان مغرب جي ورتاء  واري تاريخ جي هن دؤر کي گهٽ رنج ۽ ضمير جي وڌيڪ اطمينان سان لکن.   سيد علي خامنه اي 22 جنوري 2014 ع

دیدگاه ها برای “ نامه رهبر انقلاب به جوانان اروپا و آمریکای شمالی به زبان سندی

0 دیدگاه تایید شده
دیدگاه های ارسال شده توسط شما، پس از تایید توسط تیم مدیریت در وب منتشر خواهد شد. پیام هایی که حاوی تهمت یا افترا باشد منتشر نخواهد شد. پیام هایی که به غیر از زبان فارسی یا غیر مرتبط باشد منتشر نخواهد شد.